Matthew 19:3 — Compare Translations
4 translations compared side by side
Sindhi Bible
۽ فريسي آزمودي وٺڻ لاءِ وٽس آيا، ۽ چيائونس تہ اهو روا آهي ڇا تہ مڙس ڪنهن بہ سبب ڪري پنهنجي زال کي ڪڍي ڇڏي؟
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
ڪي فريسي وٽس آيا ۽ کيس آزمائڻ لاءِ پڇيائون تہ ”ڇا ڪنھن ماڻھوءَ جو پنھنجي زال کي ڪنھن بہ سبب طلاق ڏيڻ جائز آھي يا نہ؟“
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
اتي ڪي فريسي يسوع کي آزمائڻ لاءِ وٽس آيا ۽ پڇيائونس تہ ”ڪنهن ماڻهوءَ جو پنهنجي پتنيءَ کي ڪنهن بہ سبب طلاق ڏيڻ جائز آهي يا نہ؟“
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
اتي ڪي فريسي عيسيٰ کي آزمائڻ لاءِ وٽس آيا ۽ پڇيائونس تہ ”ڪنهن ماڻهوءَ جو پنهنجي زال کي ڪنهن بہ سبب طلاق ڏيڻ جائز آهي يا نہ؟“