Matthew 19:9 — Compare Translations

4 translations compared side by side

Sindhi Bible
۽ آئون اوهان کي ٿو چوان تہ جيڪو زنا کان سواءِ پنهنجي زال کي ڪڍي ٿو ڇڏي، ۽ ٻي ٿو پرڻجي، سو زنا ٿو ڪري: ۽ جيڪو نڪتل زال سان پرڻبو، سو بہ زنا ڪندو.
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
آءٌ اوھان کي ٻڌايان ٿو تہ جيڪڏھن ڪو ماڻھو پنھنجي زال کي زناڪاريءَ جي سبب کان سواءِ طلاق ڏئي ٿو ۽ ڪنھن ٻيءَ عورت سان شادي ٿو ڪري، تہ ڄڻ زنا ڪيائين.“
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
پر آءٌ اوهان کي چوان ٿو تہ جيڪڏهن ڪو ماڻهو پنهنجي پتنيءَ کي زناڪاريءَ جي سبب کان سواءِ ڪنهن ٻئي سبب طلاق ڏئي ٿو ۽ ڪنهن ٻي ناريءَ سان شادي ٿو ڪري، تہ هو زنا ٿو ڪري.“
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
پر آءٌ اوهان کي چوان ٿو تہ جيڪڏهن ڪو ماڻهو پنهنجي زال کي زناڪاريءَ جي سبب کان سواءِ ڪنهن ٻئي سبب طلاق ڏئي ٿو ۽ ڪنهن ٻيءَ عورت سان شادي ٿو ڪري، تہ هو زنا ٿو ڪري.“