Matthew 2:22 — Compare Translations
4 translations compared side by side
Sindhi Bible
پر جڏهن ٻڌائين تہ ارڪيلائوس پنهنجي پيءُ هيروديس جي جاءِ تي يهوديہ ۾ بادشاهي ٿو ڪري، تڏهن اوڏانهن وڃڻ کان ڊنو، ۽ خواب ۾ جا هدايت ٿيس، تنهن موجب هو گليل جي پرڳڻي ۾ آيو،
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
جڏھن ھن کي خبر پيئي تہ ارڪيلائوس پنھنجي پيءُ ھيروديس جي گاديءَ تي يھوديہ جو بادشاھہ ٿيو آھي تہ ھو اوڏانھن وڃڻ کان ڊڄڻ لڳو. پر ھن کي خواب ۾ وڌيڪ ھدايتون مليون ۽ ھو گليل جي علائقي ۾ آيو،
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
جڏهن هن کي خبر پيئي تہ اتي ارخلائوس پنهنجي پتا هيروديس جي گاديءَ تي يهوديہ صوبي جو حڪمران ٿيو آهي تہ هو اوڏانهن وڃڻ کان ڊڄڻ لڳو. تڏهن هن کي خواب ۾ وڌيڪ هدايتون مليون، سو هو گليل صوبي ۾ آيو
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
جڏهن هن کي خبر پيئي تہ اتي ارخلائوس پنهنجي پيءُ هيروديس جي گاديءَ تي يهوديہ علائقي جو حڪمران ٿيو آهي تہ هو اوڏانهن وڃڻ کان ڊڄڻ لڳو. تڏهن هن کي خواب ۾ وڌيڪ هدايتون مليون، سو هو گليل صوبي ۾ آيو