Matthew 2:23 — Compare Translations

4 translations compared side by side

Sindhi Bible
۽ اچي ناصرت نالي هڪڙي شهر ۾ رهيو، انهي لاءِ تہ جيڪي نبين جي معرفت چيو ويو هو سو پورو ٿئي تہ ”هو ناصري سڏبو“.
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
۽ اتي ناصرت شھر ۾ رھيو. اھو ان ڪري ٿيو تہ نبين جيڪي چيو ھو سو پورو ٿئي تہ ”ھو ناصري سڏيو ويندو.“
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
۽ اچي ناصرت ڳوٺ ۾ رهيو. اهو ان ڪري ٿيو تہ سنديش ڏيندڙ سنتن جي معرفت جيڪي چيو ويو هو سو پورو ٿئي تہ ”هو ناصري سڏيو ويندو.“
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
۽ اچي ناصرت ڳوٺ ۾ رهيو. اهو ان ڪري ٿيو تہ نبين جي معرفت جيڪي چيو ويو هو سو پورو ٿئي تہ ”هو ناصري سڏيو ويندو.“