Matthew 20:22 — Compare Translations
4 translations compared side by side
Sindhi Bible
پر يسوع ورندي ڏيئي چيو، تہ اوهان کي خبر ڪانہ ٿي پوي تہ ڇا ٿا گهرو؛ جيڪو پيالو آئون پيئڻ وارو آهيان، تنهن جي پيئڻ جي اوهان کي طاقت آهي؟ هنن چيس تہ هائو، اسان کي طاقت آهي.
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
عيسيٰ انھن کي وراڻيو تہ ”اوھين نہ ٿا ڄاڻو تہ ڇا گھري رھيا آھيو. ڇا اوھين اھو پيالو پي سگھندا جيڪو آءٌ پيئڻ وارو آھيان؟“ انھن وراڻيو تہ ”ھائو، ائين ڪري سگھون ٿا.“
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
تڏهن يسوع سندس ٻنهي پٽن کي مخاطب ٿي چيو تہ ”اوهين نہ ٿا ڄاڻو تہ ڇا گھري رهيا آهيو. ڇا اوهين اهو پيالو پي سگھندا جيڪو آءٌ پيئڻ وارو آهيان؟“ انهن وراڻيو تہ ”هائو، ائين ڪري سگھون ٿا.“
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
تڏهن عيسيٰ سندس ٻنهي پٽن کي مخاطب ٿي چيو تہ ”اوهين نہ ٿا ڄاڻو تہ ڇا گھري رهيا آهيو. ڇا اوهين اهو پيالو پي سگھندا جيڪو آءٌ پيئڻ وارو آهيان؟“ انهن وراڻيو تہ ”هائو، ائين ڪري سگھون ٿا.“