Matthew 21:15 — Compare Translations

4 translations compared side by side

Sindhi Bible
پر جيڪي عجب جهڙا ڪم پئي ڪيائين، سي جڏهن سردار ڪاهنن ۽ فقيهن ڏٺا، ۽ انهن ٻارن کي ڏٺائون، جن هيڪل ۾ رڙيون ڪري پئي چيو تہ هوشعنا ابن دائود کي، تڏهن کين ڏاڍي چڙ لڳي.
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
جڏھن سردار ڪاھنن ۽ شريعت جي عالمن اھي عجب جھڙا ڪم ڏٺا جيڪي ھن پئي ڪيا ۽ ٻارن کي ”دائود جو پٽ مبارڪ، مبارڪ “چوندي ٻڌائون تہ اُھي اچي ڪاوڙيا.
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
جڏهن سردار ڪاهنن ۽ نيم شاسترين يسوع جا اهي عجب جهڙا ڪم ڏٺا، جيڪي هن پئي ڪيا ۽ اتي ٻارن کي هي نعرا هڻندي ٻڌائون تہ ”راجا دائود جي پٽ جي مهما هجي،“ تڏهن اُهي اچي ڪاوڙيا.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
جڏهن سردار ڪاهنن ۽ شريعت جي عالمن عيسيٰ جا اهي عجب جهڙا ڪم ڏٺا، جيڪي هن پئي ڪيا ۽ اتي ٻارن کي هي نعرا هڻندي ٻڌائون تہ ” دائود جي پٽ جي واکاڻ هجي،“ تڏهن اُهي اچي ڪاوڙيا.