Matthew 21:16 — Compare Translations
4 translations compared side by side
Sindhi Bible
۽ چوڻ لڳس، تہ هي جيڪي چون ٿا سو ڪي ٻڌين ٿو؟ ۽ يسوع چين تہ هائو، اوهان ڪڏهن ڪين پڙهيو آهي ڇا، تہ ”معصومن ۽ کير پياڪن جي واتان تنهنجي ڪامل تعريف ٿي ٿئي.“
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
تنھنڪري انھن عيسيٰ کي اچي چيو تہ ”ڇا تون اھو ٻڌين ٿو جيڪو ھو چون پيا؟“ عيسيٰ وراڻيو تہ ”ھائو. ڇا اوھان لکت ۾ نہ پڙھيو آھي تہ ’تو ٻارن ۽ کير پياڪن کان پنھنجي واکاڻ ڪرائي آھي.‘“
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
تنهنڪري انهن يسوع کي اچي چيو تہ ”ڇا تون اهو نہ ٿو ٻڌين جيڪو هو چون پيا؟“ يسوع کين وراڻيو تہ ”هائو. ڇا اوهان پوِتر شاستر ۾ نہ پڙهيو آهي تہ ’تو ٻارن ۽ کير پياڪن کان پنهنجي مهما ڪرائي آهي.‘“
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
تنهنڪري انهن عيسيٰ کي اچي چيو تہ ”ڇا تون اهو نہ ٿو ٻڌين جيڪو هو چون پيا؟“ عيسيٰ کين وراڻيو تہ ”هائو. ڇا اوهان پاڪ ڪلام ۾ نہ پڙهيو آهي تہ ’تو ٻارن ۽ کير پياڪن کان پنهنجي واکاڻ ڪرائي آهي.‘“