Matthew 21:32 — Compare Translations

4 translations compared side by side

Sindhi Bible
ڇالاءِ تہ يوحنا اوهان وٽ سچائيءَ جي رستي آيو، ۽ اوهان هن کي نہ مڃيو، پر ٺيڪيدارن ۽ ڪسبياڻين کيس مڃيو: ۽ اوهان جيتوڻيڪ اهو ڏٺو، تڏهن بہ ايمان آڻڻ لاءِ توبهہ نہ ڪئي.
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
ڇالاءِ⁠جو يحيٰ تہ اوھان کي سچائيءَ جو رستو ڏيکارڻ لاءِ آيو ھو ۽ اوھان ھن کي قبول نہ ڪيو. پر محصول اڳاڙيندڙن ۽ ڪسبياڻين ھن کي قبول ڪيو. اوھان جيتوڻيڪ کيس ڏٺو پر نہ اوھان توبھہ ڪئي ۽ نہ مٿس ايمان آندو.“
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
ان جو سبب هي آهي تہ يوحنا جيڪو اوهان کي سچائيءَ جو رستو ڏيکارڻ لاءِ آيو هو، تنهن تي اوهان يقين نہ ڪيو، جڏهن تہ ٽيڪس اُڳاڙيندڙ ۽ وئشيائون هن تي يقين ڪري انهيءَ رستي تي آيا. اهو سڀ ڏسڻ کان پوءِ بہ اوهان نہ پڇتايو جو مٿس يقين ڪريو ها.“
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
ان جو سبب هي آهي تہ يحيٰ جيڪو اوهان کي سچائيءَ جو رستو ڏيکارڻ لاءِ آيو هو، تنهن تي اوهان يقين نہ ڪيو، جڏهن تہ ٽيڪس اُڳاڙيندڙن ۽ ڪسبياڻين هن تي يقين ڪيو انهيءَ رستي تي آيا. اهو سڀ ڏسڻ کان پوءِ بہ اوهان نہ پڇتايو جو مٿس يقين ڪريو ها.“