Matthew 22:16 — Compare Translations
4 translations compared side by side
Sindhi Bible
۽ انهن پنهنجن شاگردن کي هيرودين سان گڏي ڏانهنس موڪليو، جن وڃي چيس تہ اي اُستاد، اسان کي خبر آهي تہ تون سچو آهين، ۽ خدا جو رستو سچائيءَ سان ٿو سيکارين، ۽ ڪنهن جي بہ پرواهہ ڪانہ ٿو رکين، ڇالاءِ جو تون ماڻهن جو لحاظ نٿو ڪرين.
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
پوءِ انھن پنھنجا شاگرد ۽ ھيروديس جي پارٽيءَ جا ڪي ماڻھو عيسيٰ ڏانھن موڪليا، جن اچي چيو تہ ”استاد! اسان کي خبر آھي تہ اوھين سچا آھيو ۽ سچائيءَ سان خدا جو رستو ٿا ڏيکاريو. اوھين ڪنھن جي بہ پرواھہ ڪانہ ٿا ڪريو ۽ ڪنھن بہ ماڻھوءَ جي ظاھري ڏيکويک تي ڌيان نہ ٿا ڏيو.
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
پوءِ فريسين پنهنجن چيلن سان گڏ هيروديس جي حمايت ڪندڙن مان ڪن ماڻهن کي يسوع ڏانهن موڪليو، جن اچي کيس چيو تہ ”اي گرو! اسان کي سڌ آهي تہ اوهين سچا آهيو ۽ حق سچ مطابق ايشور جو رستو ٿا ڏيکاريو. اوهين ڪنهن جي بہ پرواهہ ڪانہ ٿا ڪريو ۽ ڪنهن بہ ماڻهوءَ جي ظاهري ڏيکويک تي ڌيان نہ ٿا ڏيو.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
پوءِ فريسين پنهنجن شاگردن سان گڏ هيروديس جي حمايت ڪندڙن مان ڪن ماڻهن کي عيسيٰ ڏانهن موڪليو، جن اچي کيس چيو تہ ”اي استاد! اسان کي خبر آهي تہ اوهين سچا آهيو ۽ حق سچ مطابق خدا جو رستو ٿا ڏيکاريو. اوهين ڪنهن جي بہ پرواهہ ڪانہ ٿا ڪريو ۽ ڪنهن بہ ماڻهوءَ جي ظاهري ڏيکويک تي ڌيان نہ ٿا ڏيو.