Matthew 22:4 — Compare Translations

4 translations compared side by side

Sindhi Bible
وري هن ٻيا نوڪر موڪليا، ۽ چيائين تہ جن کي دعوت ملي آهي، تن کي چئو، تہ ڏسو، مون پنهنجي ماني تيار ڪرائي آهي، منهنجا وهڙا ۽ ٿلها ٿلها جانور ذبح ٿي چڪا آهن، ۽ سڀ شيون تيار آهن، اوهين شاديءَ جي مجلس تي اچو.
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
تنھن تي ھن ٻيا نوڪر موڪليا تہ جن کي دعوت مليل آھي، تن کي چون تہ ’ھاڻي ماني تيار آھي، منھنجا ڍڳا ۽ متارا وھڙا ذبح ٿي چڪا آھن ۽ ھر شيءِ تيار آھي، سو دعوت کائڻ لاءِ ھليا اچو.‘
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
تنهن تي هن ٻيا نوڪر موڪليا تہ جن کي دعوت مليل آهي، تن کي چون تہ ’مون ٿلهو متارو مال ڪهايو آهي ۽ رسوئي تيار آهي، بلڪ هر شيءِ تيار آهي. سو رسوئي کائڻ لاءِ هليا اچو.‘
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
تنهن تي هن ٻيا نوڪر موڪليا تہ جن کي دعوت مليل آهي، تن کي چون تہ ’مون ٿلها متارا ڍڳا ۽ وهڙا ذبح ڪرايا آهن ۽ ماني تيار آهي، بلڪ هر شيءِ تيار آهي. سو دعوت کائڻ لاءِ هليا اچو.‘