Matthew 23:15 — Compare Translations

4 translations compared side by side

Sindhi Bible
افسوس آهي اوهان لاءِ، اي فقيهو ۽ فريسيو، رياڪارو! ڇالاءِ جو اوهين هڪڙي ماڻهوءَ کي پنهنجي دين ۾ آڻڻ لاءِ سمنڊ ۽ سُڪي لتاڙي ٿا وڃو، ۽ جڏهن هو اوهان جي دين ۾ شريڪ ٿو ٿئي، تڏهن هن کي پاڻ کان ٻيڻو جهنم جو ٻار ٿا بڻايو.
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
مصيبت آھي اوھان لاءِ اي شريعت جا عالمو ۽ فريسيو! اي رياڪارو! اوھين ڪنھن ھڪڙي ماڻھوءَ کي پنھنجي دين تي آڻڻ لاءِ خشڪي ۽ سمنڊ تہ لتاڙي ٿا وڃو، پر جڏھن ھو اوھان جي دين تي ٿو اچي تہ پوءِ ھن کي پاڻ کان بہ ٻيڻو جھنمي ٿا بڻايو.
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
مصيبت آهي اوهان لاءِ اي نيم شاستريو ۽ فريسيؤ! اي پاکنڊيؤ! اوهين ڪنهن هڪڙي ماڻهوءَ کي پنهنجي ڌرم تي آڻڻ لاءِ خشڪي ۽ سمنڊ تہ لتاڙي ٿا وڃو، پر جڏهن هو ڌرم ۾ اچي اوهان جو چيلو ٿئي ٿو تہ پوءِ هن کي پاڻ کان بہ ٻيڻو نرڳ واسي ٿا بڻايو.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
مصيبت آهي اوهان لاءِ اي شريعت جا عالمؤ ۽ فريسيؤ! اي رياڪارؤ! اوهين ڪنهن هڪڙي ماڻهوءَ کي پنهنجي دين تي آڻڻ لاءِ خشڪي ۽ سمنڊ تہ لتاڙي ٿا وڃو، پر جڏهن هو دين ۾ اچي اوهان جو مريد ٿئي ٿو تہ پوءِ هن کي پاڻ کان بہ ٻيڻو دوزخي ٿا بڻايو.