Matthew 23:27 — Compare Translations
4 translations compared side by side
Sindhi Bible
افسوس آهي اوهان لاءِ، اي فقيهو ۽ فريسيو، رياڪارو! ڇالاءِ جو اوهين انهن قبرن وانگر آهيو، جن تي سيڙهي لڳل آهي، جي ٻاهران سهڻيون ٿيون ڏسجن، مگر اندران اُهي مڙدن جي هڏن ۽ هر طرح جي گندگيءَ سان ڀريون پيون آهن.
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
مصيبت آھي اوھان لاءِ اي شريعت جا عالمو ۽ فريسيو! اي رياڪارو! اوھين اڇين قبرن وانگر آھيو جيڪي ٻاھران تہ سھڻيون نظر ٿيون اچن، پر انھن جو اندر مُڙدن جي ھڏن ۽ ھر طرح جي گندگيءَ سان ڀريل آھي.
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
مصيبت آهي اوهان لاءِ اي نيم شاستريو ۽ فريسيؤ! اي پاکنڊيؤ! اوهين اڇين قبرن وانگر آهيو جيڪي ٻاهران تہ سهڻيون نظر ٿيون اچن، پر انهن جو اندر مُڙدن جي هڏن ۽ هر طرح جي گندگيءَ سان ڀريل آهي.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
مصيبت آهي اوهان لاءِ اي شريعت جا عالمؤ ۽ فريسيؤ! اي رياڪارؤ! اوهين اڇين قبرن وانگر آهيو جيڪي ٻاهران تہ سهڻيون نظر ٿيون اچن، پر انهن جو اندر مُڙدن جي هڏن ۽ هر طرح جي گندگيءَ سان ڀريل آهي.