Matthew 23:34 — Compare Translations

4 translations compared side by side

Sindhi Bible
تنهنڪري ڏسو، آئون اوهان ڏانهن نبي ۽ داناءَ ماڻهو ۽ فقيهہ موڪليان ٿو: انهن مان ڪن کي اوهين قتل ڪندا ۽ صليب تي چاڙهيندا، ۽ ڪن کي اوهين پنهنجين عبادتگاهن ۾ چهبڪ هڻندا، ۽ شهر شهر ستائيندا وتندا.
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
تنھنڪري آءٌ اوھان ڏانھن نبي، سياڻا ماڻھو ۽ شريعت جا معلم موڪليندس. اوھين انھن مان ڪن کي ماري وجھندا، ڪن کي صليب تي چاڙھي ڪوڪا ھڻندا ۽ ڪن کي پنھنجن عبادت⁠خانن ۾ چھبڪ ھڻندا ۽ شھر بہ شھر سندن پيڇو ڪري کين ستائيندا.
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
ڏسو، آءٌ اوهان ڏانهن سنديش ڏيندڙ سنت، سياڻا ماڻهو ۽ شاستري موڪلي رهيو آهيان. اوهين انهن مان ڪن کي قتل ڪري ڇڏيندا، ڪن کي سوليءَ تي چاڙهيندا ۽ ڪن کي پنهنجين ڀڳتيءَ وارين جاين ۾ چهبڪ هڻندا ۽ کين ستائڻ لاءِ شهر بہ شهر سندن پيڇو ڪندا رهندا.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
ڏسو، آءٌ اوهان ڏانهن نبي ، سياڻا ماڻهو ۽ عالم موڪلي رهيو آهيان. اوهين انهن مان ڪن کي قتل ڪري ڇڏيندا، ڪن کي صليب تي چاڙهيندا ۽ ڪن کي پنهنجن عبادت‌خانن ۾ چهبڪ هڻندا ۽ کين ستائڻ لاءِ شهر بہ شهر سندن پيڇو ڪندا رهندا.