Matthew 23:35 — Compare Translations

4 translations compared side by side

Sindhi Bible
انهيءَ لاءِ تہ سڀني راستبازن جو رت، جو زمين تي وهايو ويو هو، يعني راستباز هابيل جي رت کان وٺي، برڪياہ جي پٽ ذڪرياہ جي رت تائين، جنهن کي اوهان پاڪ جاءِ ۽ قربانگاهہ جي وچ ۾ قتل ڪيو، سو سڀ اوهان جي گردن تي پوي.
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
انھيءَ ڪري سڀني نيڪن جو خون جيڪو زمين تي وھايو ويو ھو، سو توھان جي ڳچيءَ ۾ پوندو يعني تہ نيڪ ھابيل کان وٺي برڪياہ جي پٽ زڪريا جي خون تائين، جنھن کي اوھان مقدس جاءِ ۽ قربان⁠گاھہ جي وچ ۾ ماريو ھو.
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
انهيءَ لاءِ تہ سڀني نيڪن جو خون جيڪو ڌرتيءَ تي وهايو ويو سو اوهان جي ڳچيءَ ۾ پوي، يعني نيڪ هابل کان وٺي برڪياہ جي پٽ زڪرياہ جي خون تائين، جنهن کي اوهان هيڪل جي اڱڻ ۾ ٻليدان واري جاءِ ۽ پوِتر جاءِ جي وچ ۾ ماريو هو.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
انهيءَ لاءِ تہ سڀني نيڪن جو خون جيڪو ڌرتيءَ تي وهايو ويو سو اوهان جي ڳچيءَ ۾ پوي، يعني نيڪ هابيل کان وٺي برڪياہ جي پٽ زڪرياہ جي خون تائين، جنهن کي اوهان هيڪل جي اڱڻ ۾ قربان‌گاهہ ۽ مقدس جاءِ جي وچ ۾ ماريو هو.