Matthew 24:36 — Compare Translations
4 translations compared side by side
Sindhi Bible
پر اُنهي ڏينهن يا گهڙيءَ جي ڪنهن کي بہ خبر ڪانهي، نڪا آسمان جي ملائڪن کي، نہ پٽ کي، پر رڳو پيءُ کي آهي.
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
”ڪوبہ نہ ٿو ڄاڻي تہ اھو ڏينھن ۽ اھو وقت ڪڏھن ايندو، نہ آسمان ۾ ملائڪ ٿا ڄاڻن ۽ نہ وري فرزند ئي ڄاڻي ٿو، رڳو پيءُ کي ئي انھيءَ جي خبر آھي.
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
يسوع پنهنجي چيلن کي وڌيڪ چيو تہ ”انهيءَ جي باوجود منشپتر جي موٽي اچڻ واري ڏينهن ۽ گھڙيءَ بابت ڪوبہ نہ ٿو ڄاڻي، نہ آڪاش جا دوت ۽ نہ ئي پٽ، رڳو پتا ئي اهو ڄاڻي ٿو.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
عيسيٰ پنهنجي شاگردن کي وڌيڪ چيو تہ ”انهيءَ جي باوجود ابنِ آدم جي موٽي اچڻ واري ڏينهن ۽ گھڙيءَ بابت ڪوبہ نہ ٿو ڄاڻي، نہ آسمان جا ملائڪ ۽ نہ ئي فرزند، رڳو پيءُ ئي اهو ڄاڻي ٿو.