Matthew 25:1 — Compare Translations

4 translations compared side by side

Sindhi Bible
تڏهن آسمان جي بادشاهت ڏهن ڪنوارين جي مثل آهي، جي ڏياٽيون کڻي گهوٽ کي گڏجڻ لاءِ نڪتيون.
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
”انھيءَ ڏينھن آسمان واري بادشاھت ڏھن ڪنوارين ڇوڪرين وانگر ھوندي، جيڪي پنھنجون ڏياٽيون کڻي گھوٽ کي وٺڻ لاءِ ٻاھر ويون.
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
”منش‌پتر جي موٽي اچڻ واري ڏينهن آڪاش جو راڄ ڪنوار جي انهن ڏهن ساهيڙين وانگر هوندو جيڪي هڪڙيءَ رات پنهنجا ڏيئا کڻي گھوٽ جي آڌرڀاءَ لاءِ ٻاهر نڪري آيون.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
”ابنِ آدم جي موٽي اچڻ واري ڏينهن آسمان جي بادشاهي ڪنوار جي انهن ڏهن ساهيڙين وانگر هوندي جيڪي هڪڙيءَ رات پنهنجا ڏيئا کڻي گھوٽ جي استقبال لاءِ ٻاهر نڪري آيون.