Matthew 25:14 — Compare Translations
4 translations compared side by side
Sindhi Bible
ڇو تہ اهو هن ماڻهو وانگر آهي، جو ٻئي ملڪ ۾ ٿي ويو، ۽ پنهنجن نوڪرن کي سڏي پنهنجو مال ملڪيت اُنهن جي حوالي ڪيائين.
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
”يا وري آسمان واري بادشاھت انھيءَ ماڻھوءَ مثل آھي، جيڪو ٻئي ملڪ ڏانھن سير ڪرڻ لاءِ ويو پئي ۽ پنھنجن نوڪرن کي سڏي پنھنجو مال ملڪيت انھن جي حوالي ڪيائين.
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
”منشپتر جي موٽي اچڻ واري ڏينهن آڪاش جو راڄ انهيءَ ماڻهوءَ وانگر هوندو جنهن ٻئي ملڪ ڏانهن وڃڻ وقت پنهنجي نوڪرن کي سڏي پنهنجو مال ملڪيت انهن جي حوالي ڪيو.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
”ابنِ آدم جي موٽي اچڻ واري ڏينهن آسمان جي بادشاهي انهيءَ ماڻهوءَ وانگر هوندي جنهن ٻئي ملڪ ڏانهن وڃڻ وقت پنهنجي نوڪرن کي سڏي پنهنجو مال ملڪيت انهن جي حوالي ڪيو.