Matthew 25:24 — Compare Translations
4 translations compared side by side
Sindhi Bible
۽ جنهن کي هڪڙو قنطار مليو هو، تنهن بہ اچي چيس، تہ سائين، مون کي تنهنجي خبر هئي تہ تون سخت ماڻهو آهين، جتي تو پوکيو ئي ڪونهي اُتي لڻندو آهين، ۽ جتي تو ڇَٽيو ئي ڪونهي، اُتي گڏ ڪندو آهين:
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
پوءِ اھو نوڪر اندر آيو جنھن کي ھڪ ھزار چانديءَ جا سڪا مليا ھئا ۽ اچي چيائين تہ ’سائين! مون کي خبر ھئي تہ اوھين سخت ماڻھو آھيو، ڇالاءِجو اوھين اھو لڻندا آھيو جيڪو پوکيندا ئي نہ آھيو ۽ اھو گڏ ڪندا آھيو جيڪو ڇٽيندا ئي نہ آھيو.
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
پوءِ اهو نوڪر اندر آيو جنهن کي هڪ هزار سون جا سڪا مليا هئا ۽ اچي چيائين تہ ’سائين! مون کي سڌ هئي تہ اوهين سخت ماڻهو آهيو، ڇاڪاڻ تہ اوهين اهو لڻندا آهيو جيڪو پوکيندا ئي نہ آهيو ۽ اهو گڏ ڪندا آهيو جيڪو ڇٽيندا ئي نہ آهيو.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
پوءِ اهو نوڪر اندر آيو جنهن کي هڪ هزار سون جا سڪا مليا هئا ۽ اچي چيائين تہ ’ سائين! مون کي خبر هئي تہ اوهين سخت ماڻهو آهيو، ڇاڪاڻ تہ اوهين اهو لڻندا آهيو جيڪو پوکيندا ئي نہ آهيو ۽ اهو گڏ ڪندا آهيو جيڪو ڇٽيندا ئي نہ آهيو.