Matthew 25:34 — Compare Translations

4 translations compared side by side

Sindhi Bible
انهي وقت بادشاهہ ساڄي پاسي وارن کي چوندو تہ اي منهنجي پيءُ جا سڳورا اچو ۽ جيڪا بادشاهت دنيا جي شروعات کان ئي اوهان جي لاءِ تيار ڪئي ويئي آهي سا ورثي ۾ وٺو:
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
پوءِ بادشاھہ پنھ نجي ساڄي پاسي وارن کي چوندو تہ ’اوھين، جيڪي منھنجي پيءُ جي طرفان سڀاڳا آھيو، اچو ۽ بادشاھي وٺو، جيڪا اوھان جي لاءِ دنيا جي خلقڻ کان وٺي تيار ڪئي ويئي آھي.
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
پوءِ راجا پنهنجي ساڄي پاسي وارن کي چوندو تہ ’اوهين جيڪي منهنجي پتا جي طرفان سڀاڳا آهيو، سي اچو ۽ منهنجي راڄ‌ڀاڳ ۾ رهو، جيڪو سنسار جي رچنا کان وٺي اوهان جي لاءِ ميراث طور تيار ڪيو ويو آهي،
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
پوءِ بادشاهہ پنهنجي ساڄي پاسي وارن کي چوندو تہ ’اوهين جيڪي منهنجي پيءُ جي طرفان سڀاڳا آهيو، سي اچو ۽ منهنجي بادشاهيءَ ۾ رهو، جيڪا دنيا جي خلقڻ کان وٺي اوهان جي لاءِ ميراث طور تيار ڪئي ويئي آهي،