Matthew 26:24 — Compare Translations

4 translations compared side by side

Sindhi Bible
ابن آدم بابت جيئن لکيل آهي تيئن هو وڃي ٿو: پر افسوس آهي انهي ماڻهوءَ تي، جنهن جي هٿان ابن آدم جهلائجي ٿو! اهو ماڻهو جي پيدا ئي نہ ٿئي ها تہ چڱو.
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
ابن⁠آدم تہ ائين ئي مرندو، جيئن صحيفي ۾ لکيل آھي. پر حيف آھي اُن تي جيڪو ابن⁠آدم کي پڪڙائيندو. ان ماڻھوءَ لاءِ اھو بھتر ھو تہ ھو دنيا ۾ اصل ڄمي ئي نہ ھا.“
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
منش‌پتر تہ ائين ئي مرندو، جيئن پوِتر شاستر ۾ اڳڪٿي ڪئي ويئي آهي. پر حيف آهي ان تي جيڪو منش‌پتر کي پڪڙائيندو. ان ماڻهوءَ لاءِ اهو بهتر هو تہ هو سنسار ۾ اصل ڄائي ئي نہ ها.“
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
ابنِ آدم تہ ائين ئي مرندو، جيئن پاڪ ڪلام ۾ اڳڪٿي ڪئي ويئي آهي. پر حيف آهي ان تي جيڪو ابنِ آدم کي پڪڙائيندو. ان ماڻهوءَ لاءِ اهو بهتر هو تہ هو دنيا ۾ اصل ڄائي ئي نہ ها.“