Matthew 26:29 — Compare Translations
4 translations compared side by side
Sindhi Bible
پر آئون اوهان کي چوان ٿو، تہ جنهن ڏينهن تائين آئون پنهنجي پيءُ جي بادشاهت ۾ اوهان سان گڏ اهو نئون نہ پيئان، تيسين هيءَ ڊاک جي رس وري ڪڏهن بہ نہ پيئندس.
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
آءٌ اوھان کي ٻڌايان ٿو تہ آءٌ تيستائين مئي وري نہ پيئندس، جيستائين پنھنجي پيءُ جي بادشاھت ۾ اوھان سان گڏ نئين مئي نہ پيئان.“
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
آءٌ اوهان کي چوان ٿو تہ آءٌ وري مئي نہ پيئندس، بلڪ پنهنجي پتا جي راڄ ۾ اوهان سان گڏ نئين مئي ئي پيئندس.“
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
آءٌ اوهان کي چوان ٿو تہ آءٌ وري مئي نہ پيئندس، بلڪ پنهنجي پيءُ جي بادشاهيءَ ۾ اوهان سان گڏ نئين مئي ئي پيئندس.“