Matthew 26:45 — Compare Translations

4 translations compared side by side

Sindhi Bible
تنهن کانپوءِ هو شاگردن وٽ آيو ۽ چيائين، تہ هاڻي ڀلي سمهي ننڊون ڪريو ۽ آرام وٺو: ڏسو اُها گهڙي ويجهي آهي جو ابن آدم کي جهلي گنهگارن جي حوالي ڪندا.
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
پوءِ ھو شاگردن وٽ موٽي آيو ۽ چيائين تہ ”ڇا اوھين اڃا تائين ننڊون ۽ آرام پيا ڪريو؟ اِجھو، اھا گھڙي اچي پھتي آھي ۽ ھاڻي ابن⁠آدم گنھگارن جي حوالي ڪيو ويندو.
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
پوءِ هو چيلن وٽ موٽي آيو ۽ کين چيائين تہ ”اوهين اڃا تائين سمهي آرام پيا ڪريو! ڏسو، اها گھڙي اچي پهتي آهي جو منش‌پتر پاپين جي حوالي ڪيو وڃي.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
پوءِ هو شاگردن وٽ موٽي آيو ۽ کين چيائين تہ ”اوهين اڃا تائين سمهي آرام پيا ڪريو! ڏسو، اها گھڙي اچي پهتي آهي جو ابنِ آدم گنهگارن جي حوالي ڪيو وڃي.