Matthew 26:47 — Compare Translations

4 translations compared side by side

Sindhi Bible
۽ اڃا هن ڳالهايو ئي پئي تہ ڏسو، يهوداهہ جو هنن ٻارهن مان هڪڙو هو سو آيو، ۽ ساڻس هڪڙي وڏي جماعت ترارين ۽ لٺين سان هئي، جنهن کي سردار ڪاهنن ۽ ماڻهن جي بزرگن موڪليو هو.
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
اڃا ھن ڳالھايو ئي پئي تہ ٻارھن شاگردن مان يھوداہ نالي شاگرد آيو ۽ ھن سان گڏ ھڪڙي وڏي ٽولي تلوارن ۽ لٺين سان ھئي، جنھن کي سردار ڪاھنن ۽ يھودين جي بزرگن موڪليو ھو.
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
يسوع اڃا ڳالهايو ئي پئي تہ سندس ٻارهن چيلن مان يهوداہ اسڪريوتيءَ نالي چيلو آيو ۽ هن سان گڏ ماڻهن جو هڪڙو وڏو ٽولو تلوارن ۽ لٺين سان هو، جنهن کي سردار ڪاهنن ۽ يهودي پئنچائت جي ٻين چڱن مڙسن موڪليو هو.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
عيسيٰ اڃا ڳالهايو ئي پئي تہ سندس ٻارهن شاگردن مان يهوداہ اسڪريوتيءَ نالي شاگرد آيو ۽ هن سان گڏ ماڻهن جو هڪڙو وڏو ٽولو تلوارن ۽ لٺين سان هو، جنهن کي سردار ڪاهنن ۽ يهودي ڪائونسل جي ٻين چڱن مڙسن موڪليو هو.