Matthew 26:55 — Compare Translations
4 translations compared side by side
Sindhi Bible
اوڏيءَ مهل يسوع ميڙاڪن کي چوڻ لڳو تہ جيئن ڪنهن ڌاڙيل تي ڪاهي اچبو آهي، تيئن اوهين بہ مون کي جهلڻ لاءِ تراريون ۽ لٺيون کڻي آيا آهيو ڇا؟ آئون هر روز هيڪل ۾ ويهي تعليم ڏيندو هوس، ۽ اوهان مون کي ڪين پڪڙيو،
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
پوءِ عيسيٰ ماڻھن کي چيو تہ ”ڇا آءٌ ڄڻ ڪو ڌاڙيل ھوس جو اوھين تلوارون ۽ لٺيون کڻي مون کي پڪڙڻ لاءِ آيا آھيو؟ ھيڪل ۾ ويھي آءٌ روزانو تعليم ڏيندو ھوس، پر اتي تہ اوھان مون کي ڪڏھن بہ نہ پڪڙيو.
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
پوءِ يسوع انهن ماڻهن کي چيو تہ ”ڇا آءٌ ڄڻ ڪو ڌاڙيل آهيان جو اوهين تلوارون ۽ لٺيون کڻي مون کي پڪڙڻ آيا آهيو؟ هيڪل ۾ ويهي آءٌ روزانو سکيا ڏيندو هئس، پر اتي تہ اوهان مون کي ڪڏهن بہ نہ پڪڙيو.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
پوءِ عيسيٰ انهن ماڻهن کي چيو تہ ”ڇا آءٌ ڄڻ ڪو ڌاڙيل آهيان جو اوهين تلوارون ۽ لٺيون کڻي مون کي پڪڙڻ آيا آهيو؟ هيڪل ۾ ويهي آءٌ روزانو تعليم ڏيندو هئس، پر اتي تہ اوهان مون کي ڪڏهن بہ نہ پڪڙيو.