Matthew 26:65 — Compare Translations

4 translations compared side by side

Sindhi Bible
تڏهن سردار ڪاهن پنهنجا ڪپڙا ڦاڙي چوڻ لڳو تہ هن ڪفر بڪيو آهي: شاهدن جي ٻي اسان کي ڪهڙي گهرج آهي؟ ڏسو، اوهان ڪفر جي ڳالهہ ٻڌي آهي،
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
انھيءَ تي وڏي سردار ڪاھن پنھنجا ڪپڙا ڦاڙيندي چيو تہ ”ھن ڪفر بڪيو آھي. اسان کي وڌيڪ شاھدي نہ کپي. ھاڻي اوھان ھن جا ڪفر وارا لفظ ٻڌا آھن.
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
انهيءَ تي وڏي سردار ڪاهن پنهنجا ڪپڙا ڦاڙيندي چيو تہ ”هن شخص ايشور جي نندا ڪئي آهي. بس! هاڻي اسان کي وڌيڪ شاهد نہ کپن، ڇو تہ اوهان پاڻ هن جا ايشور جي نندا وارا لفظ ٻڌا آهن.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
انهيءَ تي وڏي سردار ڪاهن پنهنجا ڪپڙا ڦاڙيندي چيو تہ ”هن شخص ڪفر بڪيو آهي. بس! هاڻي اسان کي وڌيڪ شاهد نہ کپن، ڇو تہ اوهان پاڻ هن جا ڪفر وارا لفظ ٻڌا آهن.