Matthew 27:11 — Compare Translations
4 translations compared side by side
Sindhi Bible
هاڻي يسوع حاڪم جي حضور ۾ بيٺو هو: ۽ حاڪم پڇيس، تہ تون يهودين جو بادشاهہ آهين ڇا؟ يسوع چيس تہ تون پاڻ ٿو چوين.
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
عيسيٰ گورنر جي اڳيان پيش ڪيو ويو، جنھن کانئس سوال پڇيو تہ ”ڇا تون يھودين جو بادشاھہ آھين؟“ عيسيٰ جواب ڏنس تہ ”اھو تہ اوھين پاڻ ٿا چئو.“
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
يسوع کي گورنر پلاطس جي اڳيان پيش ڪيو ويو، جنهن کانئس سوال پڇيو تہ ”ڇا تون يهودين جو راجا آهين؟“ يسوع جواب ڏنس تہ ”جيئن اوهين سوچو ٿا، تيئن نہ.“
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
عيسيٰ کي گورنر پلاطس جي اڳيان پيش ڪيو ويو، جنهن کانئس سوال پڇيو تہ ”ڇا تون يهودين جو بادشاهہ آهين؟“ عيسيٰ جواب ڏنس تہ ”جيئن اوهين سوچو ٿا، تيئن نہ.“