Matthew 27:19 — Compare Translations

4 translations compared side by side

Sindhi Bible
۽ اڃا هو عدالت جي گاديءَ تي ويٺو ئي هو، تہ سندس زال چوائي موڪليس تہ هن راستباز ماڻهوءَ کي ڪي بہ نہ ڪجانءِ: ڇالاءِ جو اڄ خواب ۾ مون هن جي ڪري ڏاڍو ڏک ڏٺو آهي.
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
اڃا ھو انصاف جي ڪرسيءَ تي ويٺو ئي ھو تہ سندس زال چوائي موڪليس تہ ”ھن نيڪ ماڻھوءَ کي ڪجھہ بہ نہ چئجانءِ، ڇالاءِ⁠جو اڄ خواب ۾ مون ھن جي ڪري ڏاڍو ڏک ڏٺو آھي.“
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
اڃا هو عدالت جي ڪرسيءَ تي ويٺو ئي هو تہ سندس پتنيءَ چوائي موڪليس تہ ”هن نيڪ ماڻهوءَ جي معاملي ۾ هٿ نہ وجھجانءِ، ڇاڪاڻ تہ اڄ خواب ۾ مون هن جي ڪري ڏاڍو ڏک ڏٺو آهي.“
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
اڃا هو عدالت جي ڪرسيءَ تي ويٺو ئي هو تہ سندس زال چوائي موڪليس تہ ”هن نيڪ ماڻهوءَ جي معاملي ۾ هٿ نہ وجھجانءِ، ڇاڪاڻ تہ اڄ خواب ۾ مون هن جي ڪري ڏاڍو ڏک ڏٺو آهي.“