Matthew 27:20 — Compare Translations

4 translations compared side by side

Sindhi Bible
هاڻي سردار ڪاهنن ۽ بزرگن خلق کي چوري انهيءَ تي بيهاريو تہ هو برابا جي لاءِ عرض ڪن، ۽ يسوع کي مارائين.
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
پر سردار ڪاھنن ۽ بزرگن خلق کي سمجھائي ڇڏيو ھو تہ ھو پلاطس کي چون تہ برابا کي آزاد ڪري ۽ عيسيٰ کي موت جي سزا ڏئي.
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
انهيءَ دوران سردار ڪاهنن ۽ پئنچائت جي ٻين چڱن مڙسن خلق کي سمجھايو تہ هو پلاطس کي چون تہ برابا کي آزاد ڪري ۽ يسوع کي موت جي سزا ڏئي.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
انهيءَ دوران سردار ڪاهنن ۽ يهودي ڪائونسل جي ٻين چڱن مڙسن خلق کي سمجھايو تہ هو پلاطس کي چون تہ برابا کي آزاد ڪري ۽ عيسيٰ کي موت جي سزا ڏئي.