Matthew 27:47 — Compare Translations

4 translations compared side by side

Sindhi Bible
۽ جيڪي اُتي بيٺا هئا تن مان ڪن جڏهن اهو ٻڌو، تڏهن چوڻ لڳا تہ هي ماڻهو ايلياهہ کي ٿو سڏي.
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
جيڪي ماڻھو اُتي بيٺا ھئا تن مان ڪن ھن جا اھي لفظ ٻڌا ۽ چيائون تہ ”ھي الياس نبيءَ کي سڏي رھيو آھي.“
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
جيڪي ماڻهو اتي بيٺا هئا تن مان ڪي سندس اهي لفظ ٻڌي چوڻ لڳا تہ ”هي سنديش ڏيندڙ سنت ايلياہ کي سڏي رهيو آهي.“
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
جيڪي ماڻهو اتي بيٺا هئا تن مان ڪي سندس اهي لفظ ٻڌي چوڻ لڳا تہ ”هي الياس نبيءَ کي سڏي رهيو آهي.“