Matthew 27:48 — Compare Translations
4 translations compared side by side
Sindhi Bible
۽ يڪدم انهن مان هڪڙو ڄڻو ڊوڙي ويو، ۽ اسفنج کڻي، سرڪي سان ڀري، ڪاني تي رکي، هن کي پيئڻ لاءِ ڏنائين.
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
انھن مان ھڪڙو ماڻھو جلدي ڀڳو ۽ فوم جھڙي ھڪ شيءِ کڻي ڪؤڙي مئي سان ڀري ڪاني جي چوٽيءَ تي ٻڌي عيسيٰ کي پيئڻ لاءِ ڏنائين.
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
انهن مان هڪڙو ماڻهو جلدي ڀڳو ۽ فوم جهڙي هڪ شيءِ کڻي آيو، جيڪا سادي مئي سان ڀري لڪڙي جي چوٽيءَ تي ٻڌي يسوع کي پيئڻ لاءِ ڏنائين.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
انهن مان هڪڙو ماڻهو جلدي ڀڳو ۽ فوم جهڙي هڪ شيءِ کڻي آيو، جيڪا سادي مئي سان ڀري لڪڙي جي چوٽيءَ تي ٻڌي عيسيٰ کي پيئڻ لاءِ ڏنائين.