Matthew 27:55 — Compare Translations
4 translations compared side by side
Sindhi Bible
۽ اُتي گهڻيون زالون جي گليل مان يسوع جي خدمت ڪنديون پٺيان آيون هيون، تن پريان بيٺي ڏٺو.
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
اُتي ڪيتريون عورتون بہ ھيون، جيڪي پري کان ڏسي رھيون ھيون. اُھي عيسيٰ جي خدمت ڪرڻ لاءِ ساڻس گڏجي گليل کان آيون ھيون.
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
اتي ڪيتريون ئي ناريون بہ هيون، جيڪي گليل علائقي کان يسوع جي سيوا ڪنديون ساڻس گڏجي آيون هيون، سي پڻ پري کان ڏسي رهيون هيون.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
اتي ڪيتريون ئي عورتون بہ هيون، جيڪي گليل علائقي کان عيسيٰ جي خدمت ڪنديون ساڻس گڏجي آيون هيون، سي پڻ پري کان ڏسي رهيون هيون.