Matthew 27:64 — Compare Translations
4 translations compared side by side
Sindhi Bible
تنهنڪري حڪم ڪر تہ ٽئين ڏينهن تائين قبر جي حفاظت ڪجي، متان سندس شاگرد اچي چورائي وڃنس، ۽ ماڻهن کي چون تہ هو مئلن مان جي اُٿيو آهي: تہ متان هيءَ پوئين ڀل پهرين کان بہ وڌيڪ خرابي پيدا ڪري.
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
تنھنڪري اوھين حڪم جاري ڪريو تہ ٽن ڏينھن تائين قبر تي پھرو ڏنو وڃي، متان ھن جا شاگرد سندس ميت چورائي وڃن ۽ وڃي ماڻھن کي چون تہ ھو مئلن مان وري جيئرو ٿي اٿيو آھي. سو متان ھيءَ پوئين ٺڳي پھرين کان بہ وڌيڪ خراب نہ ثابت ٿئي.“
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
تنهنڪري اوهين حڪم جاري ڪريو تہ ٽن ڏينهن تائين قبر تي پهرو ڏنو وڃي، متان هن جا چيلا سندس لاش چورائي وڃن ۽ پوءِ ماڻهن کي چون تہ هو مئلن مان وري جيوت ٿي اٿيو آهي. سو متان هيءَ پوئين ٺڳي پهرينءَ کان بہ وڌيڪ خراب نہ ثابت ٿئي.“
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
تنهنڪري اوهين حڪم جاري ڪريو تہ ٽن ڏينهن تائين قبر تي پهرو ڏنو وڃي، متان هن جا شاگرد سندس لاش چورائي وڃن ۽ پوءِ ماڻهن کي چون تہ هو مئلن مان وري جيئرو ٿي اٿيو آهي. سو متان هيءَ پوئين ٺڳي پهرينءَ کان بہ وڌيڪ خراب نہ ثابت ٿئي.“