Matthew 28:5 — Compare Translations
4 translations compared side by side
Sindhi Bible
۽ انهي ملائڪ ورندي ڏيئي زالن کي چيو، تہ اوهين ڊڄو نہ، ڇالاءِ جو مون کي خبر آهي تہ اوهين يسوع کي ٿيون ڳوليو، جنهن کي صليب تي چاڙهيو هئائون.
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
انھيءَ ملائڪ عورتن کي چيو تہ ”اوھين نہ ڊڄو. آءٌ ڄاڻان ٿو تہ اوھين عيسيٰ کي ڳولي رھيون آھيو، جيڪو صليب تي چاڙھيو ويو ھو.
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
انهيءَ دوت نارين کي چيو تہ ”اوهين نہ ڊڄو. آءٌ ڄاڻان ٿو تہ اوهين يسوع کي ڳولي رهيون آهيو، جيڪو سوليءَ تي چاڙهيو ويو هو.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
انهيءَ ملائڪ عورتن کي چيو تہ ”اوهين نہ ڊڄو. آءٌ ڄاڻان ٿو تہ اوهين عيسيٰ کي ڳولي رهيون آهيو، جيڪو صليب تي چاڙهيو ويو هو.