Matthew 28:7 — Compare Translations
4 translations compared side by side
Sindhi Bible
اچو جتي خداوند ليٽيو پيو هو؛ اُها جاءِ ڏسو، ۽ جلد وڃي سندس شاگردن کي چئو تہ هو مئلن مان جي اُٿيو آهي؛ اِجهو اوهان کان اڳي گليل ۾ پيو وڃي، اُتي اوهين هن کي ڏسندا: مون اوهان کي چئي ڇڏيو آهي.
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
ھاڻي جلدي وڃو ۽ وڃي ھن جي شاگردن کي ٻڌايو تہ ’ھو مئلن مان جيئرو ٿي اٿيو آھي ۽ اوھان کان اڳي ئي گليل ڏانھن وڃي رھيو آھي، اُتي اوھين کيس ڏسندا.‘ جيڪي مون اوھان کي ٻڌايو آھي سو وساري نہ ڇڏجو.“
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
پوءِ جلدي وڃي هن جي چيلن کي ٻڌايو تہ ’هو مئلن مان جيوت ٿي اٿيو آهي ۽ اوهان کان اڳي ئي گليل ڏانهن وڃي رهيو آهي. اتي اوهين کيس ڏسندا.‘ ڏسو، مون اوهان کي سڀ ڪجھہ ٻڌائي ڇڏيو آهي.“
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
پوءِ جلدي وڃي هن جي شاگردن کي ٻڌايو تہ ’هو مئلن مان جيئرو ٿي اٿيو آهي ۽ اوهان کان اڳي ئي گليل ڏانهن وڃي رهيو آهي. اتي اوهين کيس ڏسندا.‘ ڏسو، مون اوهان کي سڀ ڪجھہ ٻڌائي ڇڏيو آهي.“