Matthew 3:11 — Compare Translations

4 translations compared side by side

Sindhi Bible
آئون تہ اوهان کي توبهہ جي لاءِ پاڻيءَ سان بپتسما ٿو ڏيان، مگر اُهو جو منهنجي پٺيان ٿو اچي، سو مون کان وڌيڪ طاقت وارو آهي، جنهن جي جُتيءَ کڻڻ جو بہ آئون لائق نہ آهيان: اُهو اوهان کي پاڪ روح ۽ باهہ سان بپتسما ڏيندو.
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
آءٌ اوھان کي پاڻيءَ سان بپتسما ٿو ڏيان ان لاءِ تہ اوھان گناھن کان توبھہ ڪئي آھي، پر جيڪو مون کان پوءِ ايندو اھو اوھان کي پاڪ روح ۽ باھہ سان بپتسما ڏيندو. ھو مون کان وڌيڪ قدرت وارو آھي، آءٌ سندس جتي کڻڻ جي لائق بہ نہ آھيان.
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
آءٌ اوهان کي پاڻيءَ سان بپتسما ٿو ڏيان ان لاءِ تہ اوهان پاپن کان توبهہ ڪئي آهي. پر جيڪو مون کان پوءِ ايندو سو اوهان کي پوِتر آتما ۽ باهہ سان بپتسما ڏيندو. آءٌ هن جهڙو نہ آهيان، هو شڪتيءَ وارو آهي. آءٌ سندس جتي کڻڻ جي لائق بہ نہ آهيان.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
آءٌ اوهان کي پاڻيءَ سان بپتسما ٿو ڏيان ان لاءِ تہ اوهان گناهن کان توبهہ ڪئي آهي. پر جيڪو مون کان پوءِ ايندو سو اوهان کي پاڪ روح ۽ باهہ سان بپتسما ڏيندو. آءٌ هن جهڙو نہ آهيان، هو قدرت وارو آهي. آءٌ سندس جتي کڻڻ جي لائق بہ نہ آهيان.