Matthew 3:16 — Compare Translations
4 translations compared side by side
Sindhi Bible
۽ جڏهن يسوع بپتسما وٺي رهيو، تڏهن يڪدم پاڻيءَ مان نڪري ٻاهر آيو، ۽ ڏسو تہ آسمان سندس لاءِ کُلي پيو، ۽ هن خدا جو روح ڪبوتر وانگر لهندو ۽ پاڻ تي ايندو ڏٺو.
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
سو عيسيٰ جيئن ئي بپتسما وٺي پاڻيءَ مان ٻاھر آيو تہ ھن لاءِ آسمان کُلي پيو ۽ خدا جو روح ھڪ ڪبوتر وانگر ھيٺ لھندو ۽ پاڻ تي ويھندو ڏٺائين.
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
سو يسوع جيئن ئي بپتسما وٺي پاڻيءَ مان ٻاهر آيو تہ هن لاءِ آڪاش کُلي پيو ۽ ايشور جي آتما هڪ ڪبوتر وانگر هيٺ لهندي ۽ پاڻ تي ويهندي ڏٺائين.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
سو عيسيٰ جيئن ئي بپتسما وٺي پاڻيءَ مان ٻاهر آيو تہ هن لاءِ آسمان کُلي پيو ۽ خدا جو روح هڪ ڪبوتر وانگر هيٺ لهندي ۽ پاڻ تي ويهندي ڏٺائين.