Matthew 3:4 — Compare Translations
4 translations compared side by side
Sindhi Bible
هاڻي انهي يوحنا کي ملس جا ڪپڙا پيل هئا، ۽ چم جو ڪمربند چيلهہ ۾ ٻَڌل هوس؛ ۽ سندس کاڌو مڪڙ ۽ جهنگ جي ماکي هئي.
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
يحيٰ کي ملس جا ڪپڙا پھريل ھوندا ھئا، کيس چيلھہ ۾ چمڙي جو پٽو ٻڌل ھوندو ھو ۽ سندس خوراڪ ماڪڙ ۽ جھنگلي ماکي ھئي.
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
يوحنا کي اُٺ جي وارن مان ٺهيل ڪپڙا پهريل هوندا هئا، کيس چيلهہ سان چمڙي جو پٽو ٻڌل هوندو هو ۽ سندس خوراڪ ماڪڙ ۽ جھنگلي ماکي هئي.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
يحيٰ کي اُٺ جي وارن مان ٺهيل ڪپڙا پهريل هوندا هئا، کيس چيلهہ سان چمڙي جو پٽو ٻڌل هوندو هو ۽ سندس خوراڪ ماڪڙ ۽ جھنگلي ماکي هئي.