Matthew 3:7 — Compare Translations
4 translations compared side by side
Sindhi Bible
پر جڏهن هن ڏٺو تہ گهڻا فريسي ۽ صدوقي بپتسما وٺڻ لاءِ مون وٽ پيا اچن، تڏهن انهن کي چوڻ لڳو، تہ اي نانگن جا ٻچا، اوهان کي ڪنهن خبردار ڪيو تہ جيڪو غضب اچڻ وارو آهي تنهن کان ڀڄو؟
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
يحيٰ جڏھن ڏٺو تہ ڪيئي فريسي ۽ صدوقي بپتسما وٺڻ لاءِ اچي رھيا آھن، تڏھن انھن کي چيائين تہ ”اي نانگ جا ٻچؤ! اوھان کي ڪنھن ٻڌايو آھي تہ اوھين خدا جي ايندڙ غضب کان بچي سگھندا؟
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
يوحنا جڏهن ڏٺو تہ ڪيترائي فريسي ۽ صدوقي بپتسما وٺڻ لاءِ اچي رهيا آهن، تڏهن انهن کي چيائين تہ ”اي نانگ جا ٻچؤ! اوهان کي ڪنهن ٻڌايو آهي تہ اوهين ايشور جي ايندڙ ڏمر کان بچي سگھندا؟
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
يحيٰ جڏهن ڏٺو تہ ڪيترائي فريسي ۽ صدوقي بپتسما وٺڻ لاءِ اچي رهيا آهن، تڏهن انهن کي چيائين تہ ”اي نانگ جا ٻچؤ! اوهان کي ڪنهن ٻڌايو آهي تہ اوهين خدا جي ايندڙ غضب کان بچي سگھندا؟