Matthew 4:23 — Compare Translations

4 translations compared side by side

Sindhi Bible
۽ يسوع ساري گليل ۾ هنن جي عبادتخانن ۾ تعليم ڏيندو، ۽ بادشاهت جي خوشخبريءَ جي منادي ڪندو، ۽ سڀني قسمن جي مرضن، ۽ سڀني قسمن جي بيمارين کان ماڻهن کي ڇُٽائيندو گهمندو رهيو.
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
عيسيٰ سڄي گليل ۾ گھمندو رھيو ۽ اتي جي عبادت⁠خانن ۾ تعليم ڏيندو، بادشاھت جي خوشخبريءَ جي منادي ڪندو ۽ سڀني قسمن جي مرضن ۽ بيمارين کان ماڻھن کي ڇٽائيندو رھيو.
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
يسوع گليل جي سڄي علائقي ۾ گھمندو رهيو ۽ اتي جي ڀڳتيءَ وارين جاين ۾ سکيا ڏيندو، آڪاش جي راڄ بابت خوشخبريءَ جو پرچار ڪندو ۽ ماڻهن کي سڀني قسمن جي مرضن ۽ بيمارين کان ڇٽائيندو رهيو.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
عيسيٰ گليل جي سڄي علائقي ۾ گھمندو رهيو ۽ اتي جي عبادت‌خانن ۾ تعليم ڏيندو، آسمان جي بادشاهيءَ بابت خوشخبريءَ جي منادي ڪندو ۽ ماڻهن کي سڀني قسمن جي مرضن ۽ بيمارين کان ڇٽائيندو رهيو.