Matthew 4:6 — Compare Translations

4 translations compared side by side

Sindhi Bible
جي تون خدا جو فرزند آهين تہ پاڻ کي هيٺ ڪيراءِ، ڇالاءِ جو لکيل آهي تہ ”هو تنهنجي بابت پنهنجي ملائڪن کي حڪم ڏيندو، ۽ اُهي توکي پنهنجي هٿن تي جهلي وٺندا، تہ متان تنهنجو پير پهڻ سان وڃي لڳي.“
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
چيائينس تہ ”جيڪڏھن تون خدا جو فرزند آھين تہ ھتان پاڻ کي ھيٺ اڇلاءِ ڇاڪاڻ⁠تہ لکيل آھي تہ ’خدا پنھنجن ملائڪن کي تو لاءِ حڪم ڪندو، اھي تو کي پنھنجن ھٿن تي جھليندا، تہ جيئن تنھنجو پير بہ پٿر تي نہ لڳي.‘“
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
چيائينس تہ ”جيڪڏهن تون ايشور جو پٽ آهين تہ هتان پاڻ کي هيٺ ڪيراءِ، ڇاڪاڻ تہ پوِتر شاستر ۾ لکيل آهي تہ ’ايشور پنهنجي دوتن کي تو لاءِ حڪم ڪندو، اهي تو کي پنهنجن هٿن تي جھلي وٺندا، تہ جيئن تنهنجو پير بہ پٿر تي نہ لڳي.‘“
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
چيائينس تہ ”جيڪڏهن تون خدا جو فرزند آهين تہ هتان پاڻ کي هيٺ ڪيراءِ، ڇاڪاڻ تہ پاڪ ڪلام ۾ لکيل آهي تہ ’خدا پنهنجي ملائڪن کي تو لاءِ حڪم ڪندو، اهي تو کي پنهنجن هٿن تي جھلي وٺندا، تہ جيئن تنهنجو پير بہ پٿر تي نہ لڳي.‘“