Matthew 5:10 — Compare Translations
4 translations compared side by side
Sindhi Bible
مبارڪ آهن اُهي جن کي سچائيءَ جي ڪري ستائين ٿا، ڇالاءِ جو آسمان جي بادشاهت انهن جي ئي آهي.
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
سڀاڳا آھن اھي جيڪي سچائيءَ جي ڪري ستايا وڃن ٿا، ڇالاءِجو اھي آسمان واري بادشاھت جون برڪتون ماڻين ٿا.
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
سڀاڳا آهن اهي جيڪي سچائيءَ جي ڪري ستايا وڃن ٿا، ڇاڪاڻ تہ اهي آڪاش جي راڄ جون آسيسون ماڻين ٿا.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
سڀاڳا آهن اهي جيڪي سچائيءَ جي ڪري ستايا وڃن ٿا، ڇاڪاڻ تہ اهي آسمان جي بادشاهيءَ جون برڪتون ماڻين ٿا.