Matthew 5:29 — Compare Translations

4 translations compared side by side

Sindhi Bible
۽ جيڪڏهن تنهنجي ساڄي اک توکي ڀُلائي تہ اُها پٽي ڪڍي پاڻ وٽان اُڇلائي ڇڏ: ڇالاءِ جو تنهنجي لاءِ اهو بهتر آهي تہ تنهنجن عضون مان هڪڙو هليو وڃي، پر تنهنجو سڄو بُت جهنم ۾ نہ پوي.
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
جيڪڏھن تنھنجي ساڄي اک تو کي گمراھہ ڪري تہ اھا ڪڍي اڇلائي ڇڏ، ڇالاءِ⁠جو تنھنجي لاءِ اھو بھتر آھي تہ تنھنجي عضون مان ڀلي ھڪڙو ھليو وڃي پر تنھنجو سڄو بدن جھنم ۾ نہ پوي.
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
جيڪڏهن اوهان مان ڪنهن جي ساڄي اک کيس ڀَٽڪائي وجھي تہ هو اها ڪڍي اڇلائي ڇڏي، ڇاڪاڻ تہ هن لاءِ اهو بهتر آهي تہ سندس عضون مان ڀلي هڪڙو هليو وڃي پر هن جو سڄو شرير نرڳ ۾ نہ پوي.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
جيڪڏهن اوهان مان ڪنهن جي ساڄي اک کيس گمراهہ ڪري تہ هو اها ڪڍي اڇلائي ڇڏي، ڇاڪاڻ تہ هن لاءِ اهو بهتر آهي تہ سندس عضون مان ڀلي هڪڙو هليو وڃي پر هن جو سڄو بدن دوزخ ۾ نہ پوي.