Matthew 5:30 — Compare Translations
4 translations compared side by side
Sindhi Bible
۽ جيڪڏهن تنهنجو ساڄو هٿ توکي ڀُلائي تہ اُهو وڍي پاڻ وٽان اُڇلائي ڇڏ، ڇالاءِ جو تنهنجي لاءِ اهو بهتر آهي تہ تنهنجن عضون مان هڪڙو هليو وڃي، پر تنهنجو سڄو بُت جهنم ۾ نہ پوي.
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
جيڪڏھن تنھنجو ساڄو ھٿ تو کي گمراھہ ڪري تہ ان کي وڍي اڇلائي ڇڏ، ڇالاءِجو تنھنجي لاءِ اھو بھتر آھي تہ تنھنجي عضون مان ڀلي ھڪڙو ھليو وڃي پر تنھنجو سڄو بدن جھنم ۾ نہ پوي.“
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
جيڪڏهن ڪنهن جو ساڄو هٿ کيس ڀَٽڪائي وجھي تہ هو ان کي وڍي اڇلائي ڇڏي، ڇاڪاڻ تہ هن لاءِ اهو بهتر آهي تہ سندس عضون مان ڀلي هڪڙو هليو وڃي پر هن جو سڄو شرير نرڳ ۾ نہ پوي.“
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
جيڪڏهن ڪنهن جو ساڄو هٿ کيس گمراهہ ڪري تہ هو ان کي وڍي اڇلائي ڇڏي، ڇاڪاڻ تہ هن لاءِ اهو بهتر آهي تہ سندس عضون مان ڀلي هڪڙو هليو وڃي پر هن جو سڄو بدن دوزخ ۾ نہ پوي.“