Matthew 5:33 — Compare Translations
4 translations compared side by side
Sindhi Bible
ٻيو اوهان ٻڌو آهي تہ اڳوڻي زماني جي ماڻهن کي چيو ويو هو، تہ تون ڪوڙو قسم نہ کڻ، پر پنهنجا قسم خداوند جي حضور ۾ پورا ڪر:
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
”ٻيو اوھان اھو بہ ٻڌو آھي تہ اڳئين زماني ۾ ماڻھن کي چيو ويو ھو تہ ’پنھنجا قسم نہ ڀڃو، پر خداوند جي آڏو پنھنجا قسم پورا ڪريو.‘
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
”ٻيو اوهان اهو بہ ٻڌو آهي تہ اڳئين زماني ۾ ماڻهن کي چيو ويو هو تہ ’پرميشور جي آڏو پنهنجا کنيل قسم نہ ڀڃو، پر اهي پورا ڪريو.‘
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
”ٻيو اوهان اهو بہ ٻڌو آهي تہ اڳئين زماني ۾ ماڻهن کي چيو ويو هو تہ ’ خداوند جي آڏو پنهنجا کنيل قسم نہ ڀڃو، پر اهي پورا ڪريو.‘