Matthew 6:23 — Compare Translations
4 translations compared side by side
Sindhi Bible
پر جي تنهنجي اک بڇڙي هوندي، تہ تنهنجو سڄو بدن اوندهہ سان ڀريل هوندو. تنهنڪري جيڪا روشني تو ۾ آهي، سا جي اوندهہ ٿي پيئي تہ اُها ڪيڏي نہ وڏي اوندهہ چئبي.
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
پر جيڪڏھن اوھان جون اکيون خراب آھن تہ اوھان جو سڄو بدن اوندھہ ۾ غرق ھوندو. سو جيڪا روشني اوھان ۾ آھي سا جيڪڏھن اوندھہ ھجي تہ اھا ڪيڏي نہ وڏي اونداھي ٿي پوندي.“
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
پر جيڪڏهن اوهان جي نظر ڪنهن غلط پاسي ڏانهن هوندي تہ اوهان جي سڄي شرير اندر اونداهي هوندي. سو جيڪا روشني اوهان ۾ آهي سا جيڪڏهن اوندهہ هجي تہ پوءِ ڪيڏي نہ وڏي اونداهي ٿي پوندي.“
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
پر جيڪڏهن اوهان جي نظر ڪنهن غلط پاسي ڏانهن هوندي تہ اوهان جي سڄي بدن اندر اونداهي هوندي. سو جيڪا روشني اوهان ۾ آهي سا جيڪڏهن اوندهہ هجي تہ پوءِ ڪيڏي نہ وڏي اونداهي ٿي پوندي.“