Matthew 6:25 — Compare Translations

4 translations compared side by side

Sindhi Bible
تنهنڪري آئون اوهان کي چوان ٿو تہ پنهنجي جان جو فڪر نہ ڪريو، تہ اسين ڇا کائينداسين، يا ڇا پيئنداسين؛ نڪي پنهنجي بُت جو فڪر ڪريو تہ ڇا ڍڪينداسين؛ جان کاڌي کان ۽ بُت ڪپڙن کان وڌيڪ نہ آهي ڇا؟
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
تنھنڪري آءٌ اوھان کي چوان ٿو تہ پنھنجي جان لاءِ ڳڻتي نہ ڪريو تہ ڇا کائينداسين يا ڇا پيئنداسين ۽ نہ پنھنجي جسم لاءِ تہ ڇا پھرينداسين؟ ڇا جان کاڌي کان ۽ جسم ڪپڙن کان وڌيڪ نہ آھي؟
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
تنهنڪري آءٌ اوهان کي چوان ٿو تہ پنهنجي جان لاءِ ڳڻتي نہ ڪريو تہ ’اسين ڇا کائينداسين يا ڇا پيئنداسين؟‘ ۽ نہ پنهنجي شرير لاءِ تہ ’اسين ڇا پهرينداسين؟‘ ڇا جان کاڌي کان ۽ شرير ڪپڙن کان وڌيڪ اهم نہ آهي؟
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
تنهنڪري آءٌ اوهان کي چوان ٿو تہ پنهنجي جان لاءِ ڳڻتي نہ ڪريو تہ ’اسين ڇا کائينداسين يا ڇا پيئنداسين؟‘ ۽ نہ پنهنجي جسم لاءِ تہ ’اسين ڇا پهرينداسين؟‘ ڇا جان کاڌي کان ۽ جسم ڪپڙن کان وڌيڪ اهم نہ آهي؟