Matthew 6:5 — Compare Translations

4 translations compared side by side

Sindhi Bible
۽ جڏهن اوهين دعا گهرو، تڏهن رياڪارن جهڙا نہ ٿيو، ڇالاءِ جو اُهي عبادتگاهن ۾ ۽ گهٽين جي ڪنڊن تي بيهي دعا گهرڻ پسند ٿا ڪن، انهي لاءِ تہ ڀلي ماڻهو کين ڏسن، آئون اوهان کي سچ ٿو چوان، تہ هنن کي پنهنجو اجر ملي چڪو.
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
”جڏھن اوھين دعا گھرو تڏھن رياڪارن وانگر نہ ٿيو. اھي عبادت⁠خانن ۽ رستن جي چونڪن تي بيھي دعا گھرندا آھن تہ جيئن ھر ھڪ انھن کي ڏسي. آءٌ اوھان کي سچ ٿو ٻڌايان تہ انھن کي پنھنجو اجر ملي چڪو.
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
”جڏهن اوهين پرارٿنا ڪريو تڏهن پاکنڊين وانگر نہ ٿيو. اهي ڀڳتيءَ وارين جاين ۽ رستن جي چونڪن تي بيهي پرارٿنا ڪندا آهن تہ جيئن هر هڪ انهن کي ڏسي. آءٌ اوهان کي سچ ٿو چوان تہ انهن کي پنهنجو لاڀ ملي چڪو.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
”جڏهن اوهين دعا گھرو تڏهن رياڪارن وانگر نہ ٿيو. اهي عبادت‌خانن ۽ رستن جي چونڪن تي بيهي دعا گھرندا آهن تہ جيئن هر هڪ انهن کي ڏسي. آءٌ اوهان کي سچ ٿو چوان تہ انهن کي پنهنجو اجر ملي چڪو.