Matthew 6:6 — Compare Translations
4 translations compared side by side
Sindhi Bible
پر جڏهن تون دعا گهرين، تڏهن پنهنجي اندرينءَ ڪوٺيءَ ۾ وڃ، ۽ در پوري پنهنجي پيءُ کان دعا گهر، جو ڏسڻ ۾ نٿو اچي، ۽ تنهنجو پيءُ جو پوشيدگيءَ ۾ ڏسي ٿو، سو توکي اجر ڏيندو.
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
پر جڏھن اوھين دعا گھرو تہ پنھنجي ڪمري جا دروازا بند ڪري پنھنجي پيءُ کان دعا گھرو، جيڪو ڳُجھہ ۾ آھي. اوھان جو پيءُ جيڪو اوھان جا ڳجھا ڪم ڏسي ٿو سو اوھان کي ان جو اجر ڏيندو.
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
پر جڏهن اوهين پرارٿنا ڪريو تہ پنهنجي ڪمري جا دروازا بند ڪري پنهنجي پتا آڏو پرارٿنا ڪريو، جيڪو ڳُجھہ ۾ آهي. اوهان جو پتا جيڪو اوهان جا ڳجھا ڪم ڏسي ٿو سو اوهان کي ان جو لاڀ ڏيندو.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
پر جڏهن اوهين دعا گھرو تہ پنهنجي ڪمري جا دروازا بند ڪري پنهنجي پيءُ کان دعا گھرو، جيڪو ڳُجھہ ۾ آهي. اوهان جو پيءُ جيڪو اوهان جا ڳجھا ڪم ڏسي ٿو سو اوهان کي ان جو اجر ڏيندو.