Matthew 7:2 — Compare Translations
4 translations compared side by side
Sindhi Bible
ڇالاءِ جو جهڙيءَ طرح اوهين عيب جوئي ڪندا، تهڙيءَ طرح اوهان جي بہ عيب جوئي ٿيندي. ۽ جنهن ماپ سان اوهين مئي ڏيندا، تنهن سان اوهان کي بہ مئي ملندو.
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
ڇالاءِجو جيئن اوھين ٻين کي ڏوھي ٺھرائيندا، تيئن اھي بہ اوھان کي ڏوھي ٺھرائيندا ۽ جيئن ٻين کي اوھين ماپي ڏيندا، تيئن ساڳئي ماپي سان اوھان کي بہ ماپجي ملندو.
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
ڇاڪاڻ تہ جهڙيءَ طرح اوهين ٻين جا عيب اُگھاڙيندا، تهڙيءَ طرح ايشور بہ اوهان جا عيب اُگھاڙيندو. هائو، جهڙي ماپي سان اوهين ٻين کي ماپي ڏيندا، ساڳي ئي ماپي سان اوهان کي بہ ماپجي ملندو.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
ڇاڪاڻ تہ جهڙيءَ طرح اوهين ٻين جا عيب اُگھاڙيندا، تهڙيءَ طرح خدا بہ اوهان جا عيب اُگھاڙيندو. هائو، جهڙي ماپي سان اوهين ٻين کي ماپي ڏيندا، ساڳي ئي ماپي سان اوهان کي بہ ماپجي ملندو.