Matthew 7:21 — Compare Translations
4 translations compared side by side
Sindhi Bible
جيڪو مون کي خداوند، خداوند ڪري ٿو چوي، سو سڀڪو آسمان جي بادشاهت ۾ داخل ڪين ٿيندو، پر منهنجو پيءُ، جو آسمان ۾ آهي، تنهن جي مرضيءَ تي جيڪو هلي ٿو، سو ئي داخل ٿيندو.
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
”جيڪي مون کي ’اي خداوند! اي خداوند!‘ ڪري سڏين ٿا، تن مان سڀڪو آسمان واري بادشاھت ۾ داخل ٿي نہ سگھندو. پر رڳو اھي داخل ٿيندا جيڪي منھنجي آسمان واري پيءُ جي مرضيءَ موجب ھلن ٿا.
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
”جيڪي مون کي ’پرڀو، پرڀو‘ ڪري سڏين ٿا، تن مان سڀڪو آڪاش جي راڄ ۾ داخل ٿي نہ سگھندو. پر رڳو اهي داخل ٿيندا جيڪي منهنجي آڪاش واري پتا جي مرضيءَ موجب هلن ٿا.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
”جيڪي مون کي ’ خداوند ، خداوند ‘ ڪري سڏين ٿا، تن مان سڀڪو آسمان جي بادشاهيءَ ۾ داخل ٿي نہ سگھندو. پر رڳو اهي داخل ٿيندا جيڪي منهنجي آسمان واري پيءُ جي مرضيءَ موجب هلن ٿا.